اوگرا ايل پي جي مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد : آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي ايل پي جي جي اگهه ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
اوگرا جي نوٽيفڪيشن موجب 11.8 ڪلو گرام جو گهريلو سئلينڊر 222 رپيا 28 پئسا مهانگو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت، جيڪا جون لاءِ 1667 رپيا 29 پئسا هئي، هاڻ 1889 رپيا 57 پئسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته نوان اگهه تمام جلد لاڳو ٿيندا.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ايل پي جي جي في ڪلو قيمت 18 رپيا 83 پئسا وڌائي وئي، جنهن کانپوءِ اها 160 رپيا 13 پئسا في ڪلو ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔