پينشن حاصل ڪرڻ لاءِ عورت 11 سال مڙس جو لاش فريزر ۾ لڪائي ڇڏيو

واشنگٽن : آمريڪا جي شهر اوٽاهه ۾ پوليس هڪ پيرسن عورت جي گهر وڃي سندس حال احوال وٺڻ لاءِ سندس گهر ۾ داخل ٿيا ته 75 ورهين جي عورت مرده حالت ۾ هٿ آئي.پوليس لاش اسپتال منتقل ڪري گهر جي تلاشي شروع ڪئي، پوليس انهي وقت حيرت ۾ رهجي وئي جنهن وقت هنن فرج کولي ته کين عورت جي مڙس جو لاش هٿ آيو.پوليس جي تحقيق موجب عورت پنهنجي مڙس لاءِ اهو مشهور ڪيو هو ته سندس مڙس کائنس ڪاوڙجي کيس ڇڏي هليو ويو آهي.پوليس اڃا تائين انهي نتيجي تي پهچي نه سگهي آهي ته عورت مڙس کي قتل ڪيو هو يا وري ڪنهن بيماري سبب سندس موت ٿيو آهي. پوليس موجب عورت پنهنجي مڙس جي پينشن هر مهيني حاصل ڪندي هئي ۽ هن وقت تائين 1 لک 77 هزار ڊالر حاصل ڪري چڪي هئي.پوليس کي گهر مان هڪ خط به مليو جنهن ۾ لکيل هو ته منهنجي مري وڃڻ ۾ منهنجي زال جو ڪو به هٿ ناهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته سندس زال اهو خط پاڻ لکي رکيو هجي. پوليس گهر کي سيل ڪري وڌيڪ تحقيق ڪري رهي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔