آمريڪي اداڪارا ايليسن ميڪ کي 3 سال قيد جي سزا

مشھور آمريڪي ٽي وي سيريز اسمال وائل ۾ سپرمين جي دوست جو ڪردار نڀائيندڙ آمريڪي اداڪارا ايليسن ميڪ کي ٻن عورتن کي بليڪ ميل ڪرڻ ۽ انھن کي جسم فروشي تي مجبور ڪرڻ جي ڏوھ ۾ سزا ٻڌائي وئي آھي، اداڪارا جو تعلق جنسي اسمگلنگ ۾ ملوث گروھ سان ثابت ٿي ويو آھي، اپريل 2019 ۾ اداڪارا بروڪلين جي وفاقي عدالت ۾ پاڻ لڳايل الزام کي قبول ڪيو ھو ۽ ان ڳالھ جو اعتراف بھ ڪيو ھو تھ ھوءَ نوجوان ڇوڪرين کي ھڪ بھترين اداري ۾ ڪم ڪرڻ جو ڏٽو ڏئي پوءِ انھن کي يرغمال بنائي رکندي ھئي ۽ جسم فروشي جو چوندي ھئي، 38 ورھين جي ايليسن ميڪ عدالت ۾ شرمندگي جو اظھار ڪندي پنھنجي ان فعل کي ڪڌو، خراب ۽ غيرقانوني تسليم ڪيو ھو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔