دل جي دوري بابت اڳڪٿي ڪندڙ اوزار تيار

دل جو دورو ڪڏهن پئجي سگهي ٿو اها ته ڪنهن کي خبر ناهي پر هاڻ ماهرن جديد ٽيڪنالاجي ذريعي هڪ اهڙو اوزار تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو اڳ ئي دل جي دوري بابت آگاهي ڏئي ڇڏيندو.
طبي ماهرن طرفان هڪ اهڙو ڪلڪيوليٽر ايجاد ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪيترائي سال اڳ دل جي دورن ۽ ٻين بيمارين بابت آگاهه ڪندو.
ماهرن جو تيار ڪيل اسڪور ٽو رسڪ ڪلڪيوليٽر ڊاڪٽرن کي اڳ ئي آگاهه ڪري ڇڏيندو ته مريض کي 10 سالن دوران ڪڏهن دل جو دورو پوندو.
اهو ڪلڪيوليٽر انسان جي عمر، ڪوليسٽرول ليول، جنس، بلڊ پريشر ۽ تماڪ واپرائڻ بابت ڄاڻ وٺي دل ۽ ان سان لاڳاپيل بيمارين جي اڳڪٿي ڪري سگهي ٿو.
ماهرن ان کي طب جي دنيا ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو آهي، جنهن سان ماڻهن کي امڪاني طور دل جو دورو پوڻ کان بچائڻ ۾ مدد ملندي.
ڊنمارڪ جي نورڊيلانڊز هاسپيٽل جي تحقيق ۾ شامل ماهرن موجب اسان هارٽ اٽيڪ جي اهڙين ڳجهين علامتن کي هٿ ڪيو آهي، جيڪي پيرسن ماڻهن، خاص طور عورتن ۾ تمام وڌيڪ هونديون آهن، حقيقت ۾ اهڙين علامتن کي منهن ڏيندڙ شخص کي علم ناهي هوندو ته کيس فوري طور امداد جي ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔