آمريڪي صدر پاڪستان ڄائي لينا خان کي وڏي ذميواري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن: آمريڪي صدر جو بائيڊن پاڪستان ڄائي لينا خان کي فيڊرل ٽريڊ ڪميشن جي سربراهه نامزد ڪري ڇڏيو.
آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪي پاڪستاني لينا خان ايمازون سميت وڏين ٽيڪنالاجي ڪمپنين تي تنقيد ڪندي رهي آهي.
آمريڪي سينيٽ لينا خان کي ايف ٽي سي ڪمشنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ايف ٽي سي ڪمشنر طور لينا خان جي منظوري 639 ووٽن سان ڪئي وئي، هوءَ ڪمشنر جي حيثيت سان سيلي ڪون ويلي ۾ واپاري ضابطن تي نظر رکندي.
32 ورهين جي لينا خان لنڊن ۾ پيدا ٿي ۽ 11 ورهين جي عمر ۾ والدين سان گڏ آمريڪا منتقل ٿي وئي.
واضح رهي ته لينا خان آمريڪا جي ريگيوليٽري اٿارٽي ”ايف ٽي سي“ جي سڀ کان ننڍي عمر ۾ سربراهه بڻجي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔