نئين اسرائيلي حڪومت اقتدار سنڀاليندي ئي غزه مٿان بمباري شروع ڪري ڇڏي

غزه: نئين اسرائيلي حڪومت جي اقتدار سنڀاليندي ئي غزه مٿان هڪ دفعو ٻيهر بمباري شروع ڪئي وئي آهي. فلسطيني اختيارين موجب حملو خان يونس ۾ ڪيو ويو جڏهن ته اسرائيل جي دعويٰ آهي ته حملو فلسطين طرفان ڦوڪڻا ڇڏڻ کان پوءِ ڪيو ويو.گذريل ڏينهن والاريل بيت المقدس ۾ سوين انتهاپسند يهودين ريلي ڪڍي هئي. ريلي جي حفاظت لاءِ اسرائيلي فورس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي. جڏهن ته ان دوران ريلي ۾ احتجاج ڪندڙ فلسطينين مان 6 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. جڏهن ته ڪيترن کي ئي زبردستي کنڀيو ويو.اسرائيلي فورس فلسطينين جي خلاف رٻڙ جون گوليون ۽ اسٽن گرينيڊ استعمال ڪيا. واضح رهي ته اسرائيل جي وزيراعظم بن يامين نيتن ياهو جي 12 ساله اقتدار جو خاتمو ٿي ويو جنهن کان پوءِ اسرائيل جي اپوزيشن پارٽين طرفان نئين حڪومت جوڙي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔