پاڪستاني اداڪاره حبا بخاري اڳوڻي صدر آصف زرداري کي بهترين اداڪار قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور: پاڪستاني اداڪاره حيا بخاري اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي بهترين اداڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي.مشهور اداڪاره حبا بخاري اهڙن خيالن جو اظهار نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ڪيو. پروگرام جي ميزبان پاران اداڪاره کان سوال ڪيو ويو ته اوهان جي خيال ۾ سمورن سياستدانن مان سڀني کان سٺو اداڪار ڪير آهي؟ حبا سوال جي جواب ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري کي بهترين اداڪار قرار ڏنو.پروگرام جي دوران حبا بخاري انڪشاف ڪيو ته مون کي صارفين طرفان سوشل ميڊيا تي ڪڏهن به تنقيد کي منهن ڏيڻو نٿو پوي. گلوڪاره نازيه حسن جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي اداڪاره جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ان جي زندگي تي فلم ٺهي ته مان ان ۾ اداڪاري ڪرڻ چاهيندس.حيا ننڍپڻ جي ڏينهن کي ياد ڪندي مداحن کي اهو به ٻڌايو ته مون کي ريسلنگ تمام گهڻي پسند آهي. ننڍپڻ ۾ وڏي ڀاءُ سان ريسلنگ کيڏندي هئس.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔