بجيٽ جي ڪتاب ۾ سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه به نه آهي: حليم عادل شيخ

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته بجيٽ جي ڪتاب ۾ سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه به نه آهي، هي اجرڪ دشمن آهن، سنڌي ٽوپي دشمن ۽ سنڌ دشمن بجيٽ آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته سنڌ ۾ صرف هڪ شئي اومني گروپ يعني زرداري گروپ ترقي ڪئي آهي، لاڙڪاڻي جي ٻارڙن لاءِ دوائن جو انتظام نه آهي، پر اومني گروپ جي ڪن لاءِ ضرور صحيحون ٿيون آهن، هي سنڌ ڪارڊ جي پٺيان لڪڻ گهرن ٿا، هن چيو آهي ڪالهه يونس ميمڻ جي منشي بجيٽ پيش ڪري پنهنجي نوڪري پڪي ڪئي، جيڪو شهر صوبي کي 90 سيڪڙو روينيو ڏي ٿو ان کي ڪچري جو ڍير بڻايو ويو آهي، شهر کي هڪ بس به ناهي ڏني وئي، هر سال صوبائي خرچ وڌي رهيا آهن، هي سڀ پيسا اومني اڪائونٽ ۾ ويندا آهن، حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ سومرا آر او پلانٽس بند پيا آهن، هنن وٽ اي ڊي پي لاءِ پيسا هئا پر خرچ نه ڪيا ويا، 77 سيڪڙو غير ترقياتي بجيٽ آهي ۽ هي روئن ٿا ته اسان ان لاءِ نه ڪري سگهياسين ته وفاق پيسا نٿو ڏي، هنن 53 سيڪڙو بيجٽ خرچ ئي ناهي ڪيو، هن چيو آهي ته 2019، 20 جي بجيٽ جا 78 ارب ناڻي ۾ پيا هئا، پيسا هئا ته پوءِ ڇو خرچ نه ڪيا ويا، هڪ طرف چون ٿا ته 25 ارب رپين جو خسارو آهي، 85 ارب رپيا ناڻي ۾ موجود آهن، ڪٿي ڪا به ڪمي نه آهي، انهن جي نا اهلي جي ڪري هي خرچ نه ٿي رهيا آهن، حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته وائيٽ ڪالر ڪرمنل اجرل پائي ماڻهن کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن، موئن جو دڙو هجي يا ٻيا پوائنٽ اجرڪ پائڻ وارن جي تذليل ٿيندي ڏٺو آهي، رام ڪهاڻيون آهن ته ايڊز آهي، تباهي آهي، اڄ هنن وري بجيٽ بڪ کي به اجرڪ پارائي ڇڏيو، هن وڌيڪ چيو آهي ته هي چور آهن، سبسڊي جي نالي تي ماڻهن کي راشن ڏنو، 7، 8 لک جو ٽريڪٽر ڪڍي پنجاب ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو، يونس ميمڻ جي منشي جو بجيٽ بيڪار هو، 8912 ارب روپيا گذريل 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت کي مليا، 80 سيڪڙو وفاق جي طرفان مليا، 1646 ارب ترقياتي بجيٽ ۾ پي اين ڊي رپورٽ جي موجب 46 سيڪڙو ڪرپشن ٿي، تعليم تي 1450 ارب خرچ ڪيا، سڀ ٽوپيون پهرايون ويون، صحت جي 768 ارب خرچ ڪيا ويا، 878 ارب مان سي اي ٽي سي خريد ڪئي وئي جنهن ۾ گوليون پار ٿي وڃن ٿيون. هن چيو آهي ته ڪالهه اسان هڪ ميٽرو بس ۾ آيا هئاسين، هن چيو آهي ته گذريل 23 سالن ۾ سوين آر او پلانٽس لڳائي ويا جيڪي ناڪاره بڻيل آهن، هن سال ٽي سئو ارب وڌيڪ ملندا، جڏهن ته 717 ارب سنڌ کي گذريل سال مليا آهن، 11 جون تائين 53 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ خرچ نه ڪري سگهيا، 208 ارب جو بجيٽ هو 78 ارب جي بچت رڪارڊ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔