قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي تقرير روڪڻ لاءِ وفاقي وزيرن گاريون ڏنيون: شاھد خاقان

اسلام آباد: حڪومتي وزير هنگامي ۽ گارگند سان شهباز شريف جي تقرير روڪڻ ۾ ناڪام ٿيا ته ايف آءِ اي ذريعي نوٽيسز اُماڻيا ويا، ايف آءِ اي بجيٽ سيشن دوران اپوزيشن ليڊر کي طلب ڪيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته هن ملڪ ۾ سرڪس ۽ تماشو لڳل آهي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر جي تقرير روڪڻ لاءِ وفاقي وزيرن گاريون ڏنيون ۽ ڪتاب هنيا، ووٽ چوري نه ٿين ته ڪتاب هڻندڙ ۽ گاريون ڏيندڙ اسيمبلي ۾ نه اچي سگهندا، قومي اسيمبلي ۾ عوامي مسئلن تي نٿو ڳالهايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔