لاهور: پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار وسيم عباس تازو ئي هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ رجب بٽ ۽ فهد مصطفيٰ جي وچ ۾ ٿيندڙ تڪرار تي خيالن جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ سندس بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي.وسيم عباس پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ميزبان جي ان سوال جو جواب ڏنو جنهن ۾ فهد مصطفيٰ جي ان بيان جو ذڪر ڪيو ويو هو ته “فئملي وي لاگرز پنهنجي خاندان کي وڪڻندا آهن” ۽ ان تي رجب بٽ جي ردِعمل تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.وسيم عباس چيو ته “رجب بٽ کي ڪير سڃاڻي ٿو؟ فهد مصطفيٰ پاڪستان جي سڀ کان وڏن هيروز مان هڪ آهي.هن چيو ته جيڪڏهن ڪو فهد مصطفيٰ کي نٿو سڃاڻي ته شايد هو ڪنهن جهنگل ۾ رهندو هوندو، مان شرط رکي سگهان ٿو ته مون اڄ تائين رجب بٽ جي هڪ به وڊيو يا ڪلپ ناهي ڏٺي.اداڪار چيو ته فهد مصطفيٰ پنهنجي گيم شو جي ڪري سڄي ملڪ ۾ سڃاتو وڃي ٿو.وسيم عباس موجب رجب بٽ يقيناً يوٽيوب تي وڏو اسٽار ٿي سگهي ٿو، مان ان کان انڪار نٿو ڪريان، پر فهد مصطفيٰ کي به فئملي وي لاگرز بابت اهڙو بيان نه ڏيڻ گهرجي ها ۽ جيڪڏهن هن ائين چيو به هو ته رجب بٽ کي وڌيڪ نرم انداز ۾ جواب ڏيڻ گهرجي ها.وسيم عباس جي ان متوازن موقف کي سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي.
تبصرے بند ہیں۔