فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع: فائنل کان اڳ نيويارڪ ۾ ايئر ڪوالٽي الرٽ جاري

نيويارڪ: فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي فائنل کان اڳ نيويارڪ ۾ ايئر ڪوالٽي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.بين الاقوامي ميڊيا جي رپورٽ موجب نيويارڪ ۽ نيو جرسڪي جي اختيارين “ايئر ڪوالٽي هيلٿ الرٽ” جاري ڪيو آهي.اهو الرٽ ورلڊ ڪپ جي فائنل ميچ کان اڳ جهنگلن ۾ لڳندڙ باهه جي دونهين سبب جاري ڪيو ويو.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪئناڊا جي جهنگلن ۾ لڳندڙ باهه جي دونهين نيويارڪ ۽ نيو جرسڪي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ميٽ لائيف (نيويارڪ نيو جرسڪي اسٽيڊيم) کي آچر ڏينهن ارجنٽائن ۽ اسپين جي وچ ۾ کيڏي ويندڙ فائنل ميچ جي ميزباني پڻ ڪرڻي آهي.رپورٽ موجب اسپين نيو جرسڪي ۾ ٽريننگ سيشن ۾ حصو ورتو ۽ ايئر ڪوالٽي بابت ڪنهن به تحفظات جو اظهار ناهي ڪيو، جڏهن ته ارجنٽائن اڄ کان فائنل کان اڳ پنهنجي ٽريننگ جو آغاز ڪرڻو آهي.رپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته تيز هوائون هلڻ ۽ برسات پوڻ سان ئي نيويارڪ ۾ دونهين جي بادلن جو خاتمو ممڪن آهي.

تبصرے بند ہیں۔