وفاق کان 147 ارب رُپيا ملڻا آهن، لڳي نٿو ته اُهي پئسا ملندا، وئڪسين جي کوٽ پيدا ٿي آھي: وڏو وزير

ڪراچي : سنڌ جي وڏي وزير چيو آھي تھ وفاق کان 147 ارب رُپيا ملڻا آهن، پر لڳي نٿو ته اُهي پئسا ملندا، وفاق سنڌ جا پئسا روڪي ڇڏيا آهن، وڏي وزير طرفان وفاق ۽ ٻين صوبن کان سنڌ جيان گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 25 هزار رُپيا مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي، پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبن کي چيو ويو ته ويڪسين سپلاءِ جو فڪر نه ڪريو، ويڪسين لڳائڻ جو عمل تيز ڪريو، هاڻي پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ به ويڪسين جي فراهمي جو مسئلو ٿي ويو آهي، صوبي ۾ ماڻهو ويڪسين لڳرائڻ بنا واپس وڃن ٿا، ويڪسين جي فراهمي يقيني بڻائڻ وفاق جي ذميواري آهي، وفاق طرفان ويڪسين خريد ڪرڻ لاءِ ريٽ به نٿا ٻڌايا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔