ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ فيل ٿيندڙن کي پاسنگ مارڪون ڏنيون وينديون: تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي

ڪراچي: تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس صوبائي وزير سعيد غني جي صدار ۾ ٿيو، جنهن دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ڏهين ڪلاس جا امتحان جولاءِ ۾ منعقد ڪيا ويندا، جنهن جي فورن بعد نائين ڪلاس جڏهن ته فرسٽ ايئر جا امتحان آگسٽ ۾ انٽر جي امتحانن کان فوري بعد ورتا ويندا. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته صرف ڪمپلسري پيپرن جا امتحان ٿيندا. امتحانن جي 45 ڏينهن کانپوءِ ، پهرين مرحلي ۾ ميٽرن ۽ انٽر جي امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويندا. نائين ۽ يارهين ڪلاس جي نتيجن جو اعلان ميٽرڪ ۽ انٽر کانپوءِ ڪيو ويندو. هن سال ، ميٽرڪ ۽ انٽر جا پريڪٽيڪل امتحان ٿيوري کانپوءِ ٿيندا. امتحان پنهنجن لاڳاپيل اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ منعقد ڪيا ويندا. جيڪڏهن ڪو شاگرد ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ اختياري مضمونن ۾ ناپاس ٿيندو ته کيس پاسنگ مارڪون ڏنيون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔