ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 46 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد : ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا کان وڌيڪ 46 ماڻهو فوت ٿي ويا، مثبت ڪيسز جي شرح 2.46 رهي جڏهن ته فعال ڪيسز جو تعداد 40 هزار کان گهٽجي ويو آهي، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 42113 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1038 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وائرس وگهي وڌيڪ 46 ماڻهو فوت ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ 24 مارچ کانپوءِ ڪورونا جي ايڪٽور ڪيسز جو تعداد 40 هزار کان گهٽ ٿي ويو، 24 مارچ تي پاڪستان ۾ ڪورونا جا ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 37985 هو، اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا کان هيل تائين مجموعي طور تي 21 هزار 828 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن ۽ ڪل ڪيسز جو تعداد 9 لک 44 هزار 65 ٿي چڪو آهي، اين سي او سي موجب هن وقت تائين وائرس ان 8 لک 82 هزار 332 ماڻهن ڪورونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔