نصلا ٽاور ڪيرائي ڇڏيو: چيف جسٽس جو ڪمشنر ڪراچي کي حڪم

ڪراچي: ڪراچي جو نصلا ٽاور بچي نه سگهيو، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس تاور ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. بيريسٽر صلاح الدين چيو ته سنڌي مسلم ان کي مڪمل مارڪيٽ ويليو تي خريد ڪيو هو، توهان ڪمشنر ڪراچي جي رپورٽ ۾ ڏسي سگهو ٿا. چيف جسٽس چيو ته شاهراهه فيصل تي هڪڙي سروس لين آهي، اسان کي ليز ڏيکاريو ڪٿي آهي؟ عمارت مالڪ جي وڪيل چيو ته ڪي ايم سي سنڌي مسلم سوسائٽي کي ڏني، سنڌي مسلم نصلا ٽاور کي ڏني. ان موقعي تي عدالت کي گوگل ميپ ذريعي زمين جو نقشو به ڏيکاريو ويو، جنهن بعد چيف جسٽس چيو ته اوهان ڪاغذن مان ثابت نه ڪري سگهيا، چيف جسٽس ڪمشنر ڪراچي کي حڪم ڏنو ته نصله ٽاور ڪيرايو ويو، اها توهان جي ذميواري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔