ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ 25 ارب روپين جي ترقياتي پيڪيج تي اتفاق

اسلام آباد:  وزيراعظم شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مطالبي تي ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ ترقياتي پيڪيج جي حامي ڀري ورتي آهي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال، امين الحق ۽ جاويد حنيف شامل هئا، جڏهن ته وزيراعظم سان گڏ اسحاق ڊار، رانا ثناءُ الله، احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ ۽ عطا الله تارڙ پڻ موجود هئا. ذريعن موجب، ايم ڪيو ايم جي وفد بجيٽ تجويزن، مقامي حڪومتن (بلدياتي ادارن) بابت تجويز ڪيل آئيني ترميمي بل ۽ سنڌ ۾ گورنر جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ڪراچي لاءِ 20 ارب ۽ حيدرآباد لاءِ 5 ارب روپين جي ترقياتي پيڪيج جي حامي ڀري آهي. ذريعن ٻڌايو ته حڪومت پاران ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل آئيني ترميمي بل تي ايم ڪيو ايم سان گڏجي پيپلز پارٽي سان ڳالهائڻ جي يقين دهاني پڻ ڪرائي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل آئيني ترميمي بل جي حمايت (سپورٽ) ڪري ٿي.

تبصرے بند ہیں۔