ڀارتي گلوڪار گرو رندھاوا هڪ نئين ڏکيائيءَ ۾ ڦاسي ويو

ممبئي :  ڀارتي گلوڪار گرو رندھاوا هڪ نئين ڏکيائيءَ ۾ ڦاسي ويو آهي، سندس فٽنيس جم تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، دهليءَ جي علائقي پشم وهار ۾ واقع گرو رندھاوا جي فٽنيس فرنچائز جي جم کي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ جو نشانو بڻايو. رپورٽن موجب، 10 جون تي پنهنجا چهرا ڍڪيل 2 موٽرسائيڪل سوار جم جي ٻاهر پهتا، جن ڪيتريون ئي گوليون هلايون. واقعي کان فوراً پوءِ پوليس موقعي تي پهچي وئي جنهن تحقيقات شروع ڪري ڏني، خوش قسمتيءَ سان فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. واقعي کانپوءِ بدنامِ زمانه لارينس بشنوئي گينگ سوشل ميڊيا تي ان حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. گينگ سان لاڳاپيل هڪ شخص انيل پنڊت پنهنجي پوسٽ ۾ چيو آهي ته گرو رندھاوا جي جم کي کيس خبردار ڪرڻ لاءِ نشانو بڻايو ويو ڇاڪاڻ ته هو سلمان خان جي تمام گهڻو ويجهو ٿيندو پيو وڃي. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن گرو رندھاوا سلمان خان سان ويجهڙائي برقرار رکي ته مستقبل ۾ وڌيڪ حملا به ڪيا ويندا. پوليس حڪام جو چوڻ آهي ته گرو رندھاوا جي جم تي فائرنگ جي واقعي جي هر پاسي کان تحقيقات ڪئي پئي وڃي ۽ ذميوار عنصرن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

تبصرے بند ہیں۔