لنڊن ۾ فوجي مشقن ۾ پاڪ فوج پهرين پوزيشن ماڻي ورتي

راولپنڊي:برطانيا ۾ منعقد ٿيل هڪ عالمي فوجي مشق يعني ڊرل جي مقابلي ۾ پاڪستان آرمي جي ٽيم پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.
آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو ته: “اعليٰ ڪارڪردگي جو شاندار مظاهرو ڪندي، پاڪستان آرمي جي ٽيم، جنهن جي نمائندگي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (PMA) ڪئي، برطانيا جي رائل ملٽري اڪيڊمي سينڊهرٽس ۾ منعقد ٿيل باوقار انٽرنيشنل پيس اسٽڪنگ مقابلو 2026 ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي.”
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پي ايم اي جي ٽيم مقابلي ۾ سڀئي وڏا اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتا، جن ۾ مجموعي طور تي پهرين پوزيشن واري ٽرافي، بهترين پيس اسٽيڪر (Best Pace Sticker) ۽ بهترين ڊرائيور (Best Driver) جا ايوارڊ به شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، ميجر حيدر گلزار جي اڳواڻيءَ ۾ 9 رڪني پاڪستاني دستو 5 جون تي برطانيا پهتو هو. هن سالياني سخت مقابلي ۾ مختلف ملڪن جي فوجن جون ڪل 16 ٽيمون شريڪ ٿيون.
آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان آرمي جي ٽيم جي اها ڪاميابي پاڪستان جي هٿياربند فوجن ۾ موجود پيشيورانه تربيت، شانداريت ۽ لگن جي بلند ترين معيارن جي عڪاسي ڪري ٿي.
پاڪستان 2020ع ۾ پڻ مسلسل ٽئين سال انٽرنيشنل پيس اسٽڪنگ مقابلو کٽيو هو. پاڪستاني فوج پهريون ڀيرو 2018ع ۾ هن مقابلي ۾ حصو ورتو هو.
گذريل سال آڪٽوبر ۾ پڻ پاڪستان آرمي جي هڪ ٽيم ويلز ۾ 3 کان 13 آڪٽوبر تائين منعقد ٿيل Exercise Cambrian Patrol 2025 ۾ سون جو تمغو حاصل ڪيو هو. پاڪستان 2024ع، 2017ع، 2016ع ۽ 2015ع ۾ به هن مشق دوران سون جو تمغو حاصل ڪري چڪو آهي.

تبصرے بند ہیں۔