اسلام آباد ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح هڪ سيڪڙو وڃي بچي

اسلام آباد : وفاقي تخت گاهه اسلام آباد ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح هڪ سيڪڙو وڃي بچي.
ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر (ڊي ايڇ او) زعيم ضياءَ موجب اسلام آباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جون 3 هزار 226 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ رڳو 36 ڄڻن ۾ وائرس جي سڃاڻپ ٿي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي انگ 82 هزار 99 آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔