ڪرينا ڪپور خلاف سوشل ميڊيا تي باهه ٻَري وئي

ممبئي : بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور طرفان فلم جو ڳرو معاوضو طلب ڪرڻ تي عوام ٽوئيٽر تي سندس بائيڪاٽ جي مهم هلائي ڇڏي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هدايتڪار الوڪڪ ڊيسائي جي نئين ايندڙ فلم ”سيتا“ ۾ مک ڪردار لاءِ ڪرينا ڪپور کي آڇ ڪئي وئي ۽ اداڪارا فلم لاءِ 12 ڪروڙ ڀارتي رپين جو معاوضو طلب ڪيو، جنهن کانپوءِ فلم جي ڪاسٽ جو مرحلو رُڪيل آهي.
ڪرينا ڪپور طرفان فلم لاءِ وڏو معاوضو طلب ڪرڻ هندو انتهاپسندن کي نه وڻيو ۽ اداڪارا خلاف ٽوئيٽر تي ”بائيڪاٽ ڪرينا خان“ ٽرينڊ بڻجي ويو.
سوشل ميڊيا واهپيدار فلم لاءِ ڳرو معاوضو طلب ڪرڻ تي ڪرينا ڪپور تي تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ کيس ڪاسٽ نه ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن.
ڪجهه واهپيدار وري چئي رهيا آهن ته تيمور خان جي ماءُ ”سيتا“ نٿي بڻجي سگهي.
واضح رهي ته هندو مذهب ۾ ”سيتا ماتا“ کي اهم مقام حاصل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔