پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ پنج ارب ڊالرن جي عالمي فنڊ جو اعلان

جنيوا: پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ 5.1 ارب ڊالرن جي عالمي فنڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب سموري دنيا مان 2026 تائين پوليو جي مڪمل خاتمي جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ مقرر ڪيل عالمي فنڊ جو وڏو حصو پاڪستان ۽ افغانستان ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم تي خرچ ٿيندو. واضح رهي ته هن وقت صرف پاڪستان ۽ افغانستان ۾ ئي پوليو موجود آهي باقي ٻئي سموري دنيا مان پوليو جو خاتمو ٿي چڪو آهي.پوليو جي خاتمي بابت حڪومتن غير سرڪاري ادارن ۽ صحت جي تنظيمن جي گڏيل عالمي پروگرام گلوبل پوليو اريڊيڪيشن انيشي اينيو(پي جي اي آءِ) پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته پوليو جو مڪمل خاتمو ڪرڻ جي لاءِ بهتر ڪوششن جي اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔