شادي واري ڏينهن ڪنوارفوت، گهوٽ سالي سان شادي ڪري ورتي

دهلي: دنيا ۾ اسان زال جي فوت ٿيڻ جي ڪجهه عرصي بعد سالي سان شادي وارا واقعا ٻڌا ۽ ڏٺا هوندا پر انڊيا ۾ هڪ عجيب نوعيت جو واقعو پيش آيو آهي.خبر موجب انڊيا جي شهر اترپرديش ۾ گهٽ عمر جي ڪنوار پنهنجي شادي ۾ رسم دوران بيهوش ٿي وئي جنهن بعد کيس اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي.شادي ۾ آيل ماڻهن جو خيال هو ته ڪنوار جي فوت ٿيڻ ڪري هاڻي شادي واري تقريب نه ٿيندي پر ائين نه ٿيو.گهوٽ جي گهر ڀاتين فوت ٿي ويل ڪنوار جي گهر ڀاتين تي زور ڀريو ته ڇوڪري کا سواءِ ڄڃ واپس نه ويندي، جنهن بعد انهي ڳالهه تي راڻضپو ٿيو ته گهوٽ هاڻي سالي سان شادي ڪندو.ڪنوار جي ڀاءَ ٻڌايو ته اها عجيب صورتحال هئي جو هڪ ڪمري ۾ منهنجي ڀيڻ جو مڙهه پيو هو ته پئي ڪمري ۾ ٻئي ڀيڻ جي شادي ٿي رهي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔