پي ايس ايل: اسلام آباد، لاهور کي هارائي پوائنٽس ٽيبل ۾ پهرين پوزيشن ماڻي ورتي

ابو ظهبي : پاڪستان سپر ليگ جي 20هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ، لاهور قلندرز کي 28 رنسن تان شڪست ڏئي پوائنٽس ٽيبل ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.
ابو ظهبي ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن کي لاهور قلندرز جي بالرن غلط ثابت ڪري ڇڏيو ۽ 20 جي مجموعي اسڪور تي اسلام آباد جي اڌ ٽيم پويلين موٽي وئي.
ان موقعي تي افتخار احمد ۽ آصف علي ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ ٻنهي وچ ۾ 100 کان وڌيڪ رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.
آصف علي 75 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته افتخار احمد 49 رنسون ٺاهي ٻيو ٽاپ اسڪورر رهيو.
اسلام آباد مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنسون ٺاهيون.
جواب ۾ لاهور جي اوپنرن ٽيم کي سٺي شروعات فراهم ڪئي، فخر زمان 44 ۽ ڪپتان سهيل اختر 34 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا پر ٻيو ڪو رانديگر گهڻي دير وڪيٽ نه بيهي سگهيو.
حارث رئوف 17 رنسن سان ٽيون ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ٻين رانديگرن مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهچي سگهيو.
لاهور قلندرز 18.2 اوورن ۾ 124 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اسلام آباد طرفان محمد موسيٰ 3، فواد احمد ۽ ڪپتان شاداب خان 2-2 وڪيٽون ورتيون.
ميچ ۾ ڪاميابي سان اسلام آباد جي ٽيم 10 پوائنٽن سان پوائنٽس ٽيبل تي ٽاپ تي اچي وئي، جيتوڻيڪ لاهور قلندرز جون به 10 ئي پوائنٽون آهن پر اها نيٽ رن ريٽ جي حساب سان ٻئي نمبر تي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔