پنجاب ۾ ڊينگي وائرس جا چوئيتاليهه مريض سامهون اچڻ کان پوءِ هيلٿ کاتو حرڪت ۾ اچي ويو

لاهور: پنجاب ۾ موتمار وائرس ڊينگي به خطري جي گهنٽي وڄائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. صوبي ۾ ڊينگي وائرس جا 44 مريض سامهون آيا آهن جنهن کان پوءِ صحت کاتي هنگامي طور تي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.صحت کاتي موجب ڊينگي وائرس جي 44 مريضن مان 13 لاهور جڏهن ته گجرات ۽ وهاڙي جا 33 مريض شامل آهن. راولپنڊي، فيصل آباد ۽ قصور مان 2-2 مريض رپورٽ ٿيا آهن.7 مريضن جي ٽريول هسٽري ٻين صوبن ۽ هڪ جي اسلام آباد سان ملي ٿي صحت کاتي صورتحال کي ڏسندي هنگامي طور تي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔