عمر نه فٽنيس ۽ فارم ڏسو: شعيب ملڪ

لاهور: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تجربي ڪار بيٽسمين شعيب ملڪ چيو آهي ته عمر نه فارم ۽ فٽنيس کي ڏسڻ گهرجي.
پاڪستان ڪرڪيٽ جي سڀ کان وڏي ويب سائيٽ www.cricketpakistan.com.pk کي انٽرويو ڏيندي شعيب ملڪ چيو اڃا تائين ناهيان سمجهي سگهيو ته ٽيم کان ٻاهر ڇو ٿيس، مان ان معاملي کي وڌائڻ نه چاهيو، منهنجي خيال ۾ عمر ڪيتري به هجي پر جيڪڏهن رانديگر گهربل معيار تي پورو ٿو لهي ته سينيئر طور ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، محمد حفيظ به 40 ورهين جي عمر ۾ سٺو پرفارم ڪري رهيو آهي ۽ نوجوانن جي مدد ڪندو آهي، سينيئرن جي موجودگي ۾ ڊريسنگ روم ۾ رانديگرن جو اعتماد وڌندو آهي.
هن چيو ته منهنجي چيف سليڪٽر سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، ماضي ۾ ان سان گڏ کيڏي چڪو آهيان، محمد وسيم چيو توهان اسان جي پلان ۾ شامل آهيو، پهرين هاف ۾ مختلف ڪامبينيشن آزمائڻ کانپوءِ ورلڊ ڪپ لاءِ امڪاني رانديگرن کي موقعو ڏينداسين.
سندس چوڻ هو ته حيدر علي باصلاحيت رانديگر آهي پر ان جو بيٽنگ آرڊر تبديل ڪيو ويو، ڪنهن جي چونڊ ڪجي ته ان کي سپورٽ به ڪرڻ گهرجي، بابر اعظم ننڍي ڀاءَ وانگر آهي، هو ڪپتان بڻيو ته مان پوئتي هٽي ويس ته جيئن پنهنجا تجربا ڪري سگهي پر ٽيم جي مفاد ۾ کيس صلاح ضرور ڏيندو هيس، هو ايندڙ ڏينهن ۾ بهترين ڪپتان هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔