ايراني بحريا جو سڀ کان وڏو جهاز باهه لڳڻ کانپوءِ ۾ ٻُڏي ويو

تهران: ايراني بحريا جو هڪ جهاز نار عمان ۾ باهه لڳڻ کانپوءِ ٻڏي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ”خارگ“ نالي ان جهاز کي بچائڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام رهيون آهن، جڏهن ته باهه لڳڻ جا سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
اهو جهاز ايران لاءِ تيل جي اهم ٽرمينل جو ڪم انجام ڏيندو هو ۽ اهو ايراني بحريا جو سڀ کان وڏو بحري جهاز هو، جيڪو گذريل 40 سالن کان فعال هو.
اهو بحري جهاز سمنڊ ۾ موجود ٻين جهازن جي مدد ۽ ڳري مال برداري جي صلاحيت رکندڙ هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔