هاري جي قسمت کلي وئي:جاپان ۾ 2 گدرا 38 لک رپين کان وڌيڪ رقم ۾ وڪرو

ٽوڪيو: هاري جي قسمت کلي وئي،جاپان ۾ 2 گدرا 38 لک رپين کان وڌيڪ رقم ۾ وڪرو ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان ۾ هڪ انوکي روايت هاري کي هڪ ڏينهن ۾ لک پتي بڻائي ڇڏيو ڇاڪاڻ ته سندس پوکيل ٻن گدرن کي 38 لک رپين کان وڌيڪ رقم ۾ خريد ڪيو ويو. رپورٽ ۾ ڄانايو ويو آهي ته جاپان جي اتر واري علائقي جي هڪ ڳوٺ يوباري ۾ ميون جي نيلامي رکي وئي، جنهن ۾ هوڪائيڊو ڪمپني 2 گدرا خريد ڪيا، نيلامي جي روايت تحت تيار ٿيل شروعاتي ٻن گدرن جي خريداري لاءِ ٻولي لڳائي وئي، هوڪائيڊو 38 لک رپيا واڪ ڏني جيڪا سڀني کان وڏي واڪ ثابت ٿي جنهن بعد هو گدرن جي خريدار ڄاڻائي وئي. ٻن گدرن جي خريداري بعد ڳوٺ ۾ پيدا ٿيل سمورن گدرن ۽ ٻين ميون جو وڪرو پڻ ڄاڻايل ڪمپني هوڪائيڊو کي ڪيو ويندو. ان حوالي سان ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪمپني جي صدر چيو ته اها ٻولي شروعاتي طورپڪل ميون لاءِ لڳائي ويندي آهي ۽ وڌيڪ واڪ ڏيندڙ سان باقي سودو ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته گدرا جلد ئي فريزر ۾ رکيا ويندا . واضح رهي ته جاپاني هوباري جي گدرن جو وڏي بي صبري سان انتظار ڪندا آهن ۽ جڏهن اهي مارڪيٽ ۾ ايندا آهن ته هٿوهٿ کپي ويندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔