چڙ ڏياريندڙ مواد کي روڪڻ لاءِ ٽوئٽر جو اهم قدم

لنڊن: ٽوئٽر پنهنجي پليٽ فارم تي چڙ ڏياريندڙ مواد کي روڪڻ، فائديمند ۽ ڄاڻ واري مواد کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ اهم قدم کڻي ورتو آهي.ٽوئٽر جو چوڻ آهي ته انتظاميه چڙ ڏياريندڙ ۽ نامناسب مواد جي خلاف ڪارروائي ڪندي ٽوئٽر هيلپ سينٽر کي وڌيڪ اپ ڊيٽ ڪري ڇڏيو آهي. ٽوئٽر موجب اپ ڊيٽ ڪيل پاليسيون چڙ ڏياريندڙ مواد ۽ حراسان ڪرڻ جهڙن قدمن کي روڪڻ ۾ مددگار آهن.ٽوئٽر جي آفيشل اڪائونٽ تي نئين پاليسي بابت ٽوئٽ کي شيئر ڪندي ٽوئٽ ڪيو ويو آهي. جنهن موجب بهتر عوامي ڳالهين جي لاءِ ڪيل ارادن تحت ڀائيوارن کي گڏ ڪرڻ جي لاءِ اسان لاڳيتو پنهنجي پاليسين ۾ نواڻ آڻي رهيا آهيون ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بنائي سگهجي ته ٽوئٽر اهو هنڌ آهي جتي هر ماڻهو پاڻ کي محفوظ رکي سگهي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته نئين پاليسي جو سموري مواد جو گهيراءُ ڪيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔