وفاق ۽ ارسا پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن: شهباز شريف

لاهور: ن ليگ صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پاڻي ورڇ تي اختلافن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڻي جي مسئلي تي سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڇڪتاڻ افسوسناڪ آهي، پاڻي جي ورڇ حساس معاملو آهي، جنهن ۾ غير ذميواري خطرناڪ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ ارسا پنهنجا فرض ادا ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهيا آهن، عمران خان نيازي صوبن ۾ اتحاد ۽ ملڪي سلامتي کي داءَ تي نه لڳائي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔