خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب گوڙ پيا ڪن ته بلوچستان کي وڌيڪ پئسو ڏنو ويو: وزيراعظم

زيارت: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اپوزيشن تي قياس اچي رهيو آهي، اسان جي ايندڙ حڪومت ۾ پاڪستان وڌيڪ تيزي سان ترقي ڪندو. زيارت ريزيڊنسي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي ۾ بلوچستان تي ڌيان نه ڏنو ويو، اسان جي حڪومت جيترو بلوچستان کي سٺو سمجهيو، گذريل حڪومتن نه سمجهيو، جيترو پئسو هاڻ خرچ ڪري رهيا آهيون، اڳ ۾ ايترو نه ڪيو ويو، مان بادشاهه نه وزيراعظم آهيان، ناڻي واري وزير سان ڳالهائڻو پوندو آهي، ڏسڻو پوندو آهي ته پئسو ڪيترو آهي، اڳ ئي خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب گوڙ ڪري رهيا آهن ته بلوچستان کي وڌيڪ پئسو ڏنو ويو. هن چيو ته بلوچستان کي 700 ارب رپين جو سڀ کان وڏو پئڪيج ڏنو آهي، هاڻ روڊن جو به پيڪيج ڏئي رهيا آهيون، جيتري به گنجائش هوندي بلوچستان تي خرچ ڪنداسين، بلوچستان جي پٺ تي پيل علائقن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ڪوشش ڪنداسين ته ايندڙ سال زيارت ۾ ايل پي جي پلانٽ لڳايون. سندس چوڻ هو خوشخبري آهي ته ملڪ ڏکئي وقت مان نڪري رهيو آهي، اسان جي حڪومت آئي هئي ته مخالفن گوڙ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ سڄي قوم کي چئي رهيا هئا ته معيشت تباهه ٿي وئي، ڇو ته حڪومت جي معاشي بحران مان نڪرڻ سان انهن جو سياسي دڪان بند ٿي وڃي ها ۽ اپوزيشن حڪومت جي ناڪامي پئي چاهي، مون کي پاڻ اپوزيشن جي ڳڻتي آهي ته اهي گڏ رهندا يا نه، ايندڙ سال ملڪي ترقي جي رفتار وڌندي، اسان جي ايندڙ حڪومت ۾ ملڪ وڌيڪ ترقي ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔