چين: انسانن ۾ برڊ فلو جو پهريون ڪيس رپورٽ، صحت واري وزارت تصديق ڪري ڇڏي

بيجنگ: چين ۾ H.I.O.N3 برڊ فلو جي انسانن ۾ پهرين ڪيس جي رپورٽ ملي آهي. صحت واري وزارت موجب اوڀرين صوبي جيانگسو ۾ 41 ساله شهري ۾ پهرين ڪيس جي تصديق ٿي آهي. شهري ۾ بخار ۽ ٻيون نشانيون ظاهر ٿيڻ کان پوءِ 28 اپريل تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.شهري وائرس مان ڪيئن متاثر ٿيو ان باري ۾ تفصيل نه ڏنا ويا آهن. جڏهن ته شهري هاڻ خطري کان ٻاهر آهي ۽ جلد کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو. اسپتال انتظاميه متاثر شهري جي گهر ڀاتين ۽ دوستن جا به ٽيسٽ ڪيا آهن پر ڪوبه ان وائرس مان متاثر نه ٿيو آهي. چيني هيلٿ ڪميشن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته هي وائرس ٻين وائرسن کان گهٽ شدت جو آهي ۽ ان جي وڏي پيماني تي پکڙجڻ جو خطرو به ڪافي گهٽ آهي.واضح رهي ته ان کان اڳ H.I.O.N3 اهڙي قسم جو انساني انفيڪشن دنيا ۾ ڪٿي به رپورٽ نه ٿيو آهي. ياد رهي ته چين ۾ 2016 ۽ 2017 ۾ برڊ فلو سبب 300 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا پر ان کان پوءِ اهڙي قسم جي ڪابه خطرناڪ قسم جي رپورٽ نه ٿي آهي. چين جي باري ۾ اها ڳالهه به اهم آهي ته هي سموري دنيا ۾ برائلر چڪن پيدا ڪندڙ ٽيون وڏو ملڪ آهي ۽ مرغين جو گوشت کائڻ جي حوالي سان دنيا جو ٻيون سڀني کان وڏو ملڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔