واٽس ايپ صارفين جي سهولت لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

لنڊن: تيز رفتار زندگي ۾ واٽس ايپ، وائس نوٽ جي رفتار به ٻيڻي ٿي وئي آهي. هاڻ صارفين وقت جي بچٽ ڪندي وائس نوٽ کي ٻڌي سگهن ٿا.دنيا جي مشهور ترين ايپليڪيشن واٽس ايپ صارفين جي سهولت جي لاءِ نئون فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. واٽس ايپ هميشه صارفين جي سهوليت کي آڏو رکندي پنهنجي ايپ ۾ نيون تبديليون ڪندو رهندو آهي پر هاڻ تازو ئي متعارف ڪرايل فيچر وقت گهٽ هجڻ سبب صارفين جي ڪم ايندو.واٽس ايپ تي ڪيترائي ماڻهو پيغام موڪلڻ جي لاءِ وائس نوٽ جو استعمال ڪندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳالهه ٻولهه ايتري ڊگهي ٿي ويندي اهي جو موڪليل وائس نوٽ سيڪنڊن کان منٽن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. نئين فيچر ۾ صارفين پنهنجي مرضي موجب وائس نوٽ کي جلدي ٻڌي سگهندا. ڇو ته واٽس ايپ طرفان وائس نوٽ جي رفتار ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. صارفين جي وائس نوٽ جي اڳيان هاڻ 1 ايڪس، 1.5 ايڪس ۽ 2 ايڪس مينشن هوندو جنهن سان اوهان جنهن رفتار ۾ چاهيو پيغام موڪليندڙ جي آواز ٻڌي سگهو ٿا.واٽس ايپ جو هي فيچر اڃان 2.21.100 ورزن استعمال ڪرڻ جي لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. ان کان اڳ واٽس ايپ تصويرن ۽ وڊيوز بابت زبردست فيچر متعارف ڪرايو هو جنهن ۾ وڊيوز ۽ تصويرن کي وڏي فارميٽ ۾ ڏسڻ ممڪن هو. فيچر جو مقصد تصوير کي کولي ڏسڻ جي بجاءِ پوري تصوير چيٽ جي اندر ئي نظر ايندي آهي ۽ تصوير کي ڪلڪ ڪرڻ جي ضرورت نه هوندي. نئون فيچر واٽس ايپ وڊيوز کي به ائين ئي ڏيکاريندو آهي.ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب واٽس ايپ وائس ميسج جي جديد فيچر تي به ڪم شروع ڪيو آهي جنهن جي تحت صارف هاڻ ڪنهن به شخص کي وائس نوٽ موڪلڻ کان اڳ ٻڌي سگهندو. ان کان اڳ واٽس ايپ ۾ اهڙو ڪو به آپشن موجود نه هو. ۽ صارف کي آڊيو ميسيج موڪلڻ کان پوءِ جيڪڏهن تبديلي جي ضرورت پئي ته ميسج کي ڊيليٽ ڪرڻو پوندو هو.واٽس ايپ ۾ ميسج موڪلڻ جي آءِ ڪون کان پوءِ ريويو جو آپشن موجود هوندو جنهن کي استعمال ڪندي صارف پنهنجي ميسج جو ٻيهر جائزو وٺي سگهندو آهي ۽ جيڪڏهن اها آڊيو مناسب نه آهي يا ان ۾ ڪجهه تبديلي ڪرڻي هجي ته آساني سان ان کي ڪينسل ڪري ٻيو ميسج رڪارڊ ڪري سگهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔