پي ايس ايل سڪس ۾ شرڪت جي لاءِ سرفراز احمد سميت ڇهه ڄڻا ابوظهبي روانا

لاهور: پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) سيزن 6 جي رهيل ميچز ۾ شرڪت جي لا ءِ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد سميت 6 ڄڻا ابوظهبي روانا ٿي ويا آهن.رپورٽ موجب پي ايس ايل 6 ۾ شرڪت جي لاءِ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کان علاوه ذيشان اشرف ۽ زيد عالم به ابوظهبي ويندڙن ۾ شامل آهن. پي ايس ايل سيزن 6 ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان ۾ موجود 13 مان 6 ڄڻن کي گذريل ڏينهن ويزا جاري ڪيا ويا هئا. لاڳاپيل رانديگر ۽ آفيشل نجي ايئرلائين ذريعي صبح 6 لڳي 40 منٽن تي ڪراچي کان ابوظهي روانا ٿيا.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) اڄ ٻين رهجي ويندڙ 7 ڄڻن جا ويزا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. جن ۾ عمر امين، آصف آفريدي، محمد عمران سميت ٻيا شامل آهن. واضح رهي ته گذريل هفتي ڏيڍ سئو ڄڻن تي ٻڌل پي سي بي جو دستو ابوظهبي روانو ٿيو هو پر سرفراز احمد سميت 13 ڄڻا ويزا نه ملڻ سبب روانا نه ٿي سگهيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔