وديا بالن پنهنجي فلم ”شيرني“ جو ٽيزر جاري ڪري ڇڏيو

ممبئي : بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن پنهنجي ايندڙ فلم ”شيرني“ جو ٽيزر جاري ڪري ڇڏيو.
وديا بالن انسٽاگرام تي ٽيزر شيئر ڪندي ٻڌايو ته فلم جو ٽريلر 2 جون تي جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته اها هن ئي مهيني رليز ٿيندي.
اداڪارا طرفان جاري ڪيل فلم جي ٽيزر کي هيل تائين 2 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو ڏسي چڪا آهن.
واضح رهي ته اميت ماسرڪر جي هدايتڪاري هيٺ ٺهندڙ فلم ”شيرني“ ۾ وديا بالن هڪ آفيسرياڻي جو مک ڪردار نڀائيندي نظر ايندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔