ڊبليو ايڇ او سائنو ويڪ ويڪسين جي هنگامي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي

جنيوا : صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ڪورونا جي چيني ويڪسين سائنو ويڪ جي هنگامي استعمال جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڊبليو ايڇ او موجب سائنو ويڪ ويڪسين اثرائتي، محفوظ ۽ تياري جي سموري عالمي معيار تي پوري لهي ٿي.
عالمي اداري چيو آهي ته دنيا کي ڪورونا جي مختلف ويڪسينز جي ضرورت آهي ۽ ويڪسين ٺاهيندڙ ادارا ڪوويڪس پروگرام ۾ شرڪت ڪندا.
ماهرن موجب 18 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن کي سائنو ويڪ ويڪسين جون ٻه خوراڪون 2 کان 4 هفتن دوران لڳائي سگهجن ٿيون.
واضح رهي ته صحت جي عالمي اداري کان هنگامي استعمال جي منظوري حاصل ڪندڙ اها ٻي چيني ويڪسين آهي، ان کان اڳ ڊبليو ايڇ او سائنو فارم جي به هنگامي استعمال جي اجازت ڏني هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔