ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي جي تجويز

اسلام آباد: ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي جي تجويز ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سڃاڻپ ڪارڊ نه ڏيکارڻ تي ٽيڪس جوڳي آمدني تي ڏنڊ 3 کان وڌائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني.
ايف بي آر جي ذريعن ٻڌايو ته هڪ لک رپيا خريداري تي سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب سيلز ٽيڪس رجسٽرڊ واپاري اڻ رجسٽرڊ خريدارين جي تفصيل ڏيڻ جا پابند هوندا ۽ رجسٽرڊ واپاري خريدار جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر ۽ انوائس جي تفصيل فرام ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ جي شرط عام واهيپدار تي لاڳو نه هوندي.
ذريعن موجب سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ جي شرط تي عملدرآمد نه پيو ٿئي جڏهن ته غير رجسٽرڊ ريٽيلرز کي لکين رپيا جي سيلز روزاني ڪئي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔