پاڪستان سپر ليگ جو فائنل 24 جون تي ڪرائڻ جو فيصلو

لاهور: پاڪستان سپر ليگ 6 جون فائنل 24 جون تي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز مالڪن سان ميٽنگ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.
پي سي بي موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ جي دوري لاءِ 23 بدران 25 جون تي رواني ٿيندي ۽ پاڪستان سپر ليگ جو فائنل هاڻ 24 جون تي ٿيندو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل جون رهيل ميچون ابو ظهبي ۾ يقيني بڻائڻ لاءِ قومي ٽيم جي انگلينڊ روانگي جو شيڊيول ٻن ڏينهن لاءِ پوئتي ڪري ڇڏيو آهي.
گڏجاڻي دوران فرنچائز مالڪن کي ٻڌايو ويو ته ڀارت سان واسطو رکندڙ پروڊڪشن ڪريو کي هاڻ دبئي ۾ آئسوليشن ۾ رکيو ويو آهي.
واضح رهي ته ابوظهبي جي اختيارين ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي ڀارت سان واسطو رکندڙ پروڊڪشن ڪريو ميمبرن کي هوٽل مان ڪڍي ڇڏيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔