سعودي عرب جو ويڪسينيشن مڪمل ڪندڙ پرڏيهين لاءِ اهم اعلان

رياض: سعودي عرب ڪورونا وائرس جي ويڪسينيشن مڪمل ڪندڙ پرڏيهين لاءِ اهم اعلان ڪيو آهي.
عرب ميڊيا موجب سعودي جنرل اٿارٽي آف سول ايوي ايشن اعلان ڪيو آهي ته اهڙا ماڻهو جن ڪورونا وائرس جي خلاف ويڪسينيشن جو عمل مڪمل ڪيو آهي انهن کي سعودي عرب ۾ اچڻ آئسوليشن جي ضرورت نه هوندي پر هن جي لاءِ ضروري آهي ته هن وٽ پنهنجي حڪومت طرفان تصديق ٿيل ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ موجود هو.
ان کان اڳ سعودي جنرل اٿارٽي هن وقت تائين ڪورونا جي ويڪسين نه لڳائيندڙن لاءِ سعودي عرب آمد تي 7 ڏينهن جي آئسوليشڻ جي شرط رکي هئي جنهن کان پوءِ هاڻ ويڪسينيشن مڪمل ڪندڙن کي آئسوليشن کان ڇوٽ حاصل هوندي.
عرب ميڊيا جو ٻڌائڻ آهي ته سعودي عرب ۾ منظور ٿيل ويڪسين ۾ فائزر، بائيو اين ٽيڪ، موڊرنا، ايسٽرا زينيڪا ۽ جانسن اينڊ جانسن شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔