دنيا جي سڀ کان ننڍي ڊائنوسار پکي جي 10 ڪروڙ سال پراڻي باقيات هٿ

بيجنگ : دنيا جو سڀ کان ننڍو ڊائنو سار پکي جي باقيات هٿ اچي وئي، ماهرن ان کي وڏي اڳڀرائي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ماهرن جي هڪ عالمي ٽيم کي ميانمار جي جابلو علائقي مان کوٽائي دوران ننڍڙي کوپڙي هٿ آئي جيڪا عنبر جي هڪ ٽڪڙي ۾ محفوظ هئي ۽ چنهنب سوڌو رڳو 7.1 ملي ميٽر ڊگھي هئي جنهن کي ليباريٽري اماڻيو ويو جٿي مختلف تجربن کانپوءِ سائنسدانن ان کوپڙي کي 10 ڪروڙ سال قديم ڊائنوسار جي ننڍي کوپڙي قرار ڏنو. سائسندانن پاران جاري ڪيل تحقيقي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ان کوپڙيءَ جي ساخت ڊگھي ڳچيءَ واري ”سارو پوڊ“ ڊائنوسار سان مشابهت رکندڙ آهي پر ان جي چنهنب جي موجودگي ظاهر ڪندي آهي ته اهو ڪو پکي به ٿي سگھي ها.کوپڙي ۽ چنهنب کي بنياد ٺاهيندي ماهرن اندازو لڳايو آهي ته اها دنيا جي سڀ کان ننڍي پکي (همنگ برڊ) کان به ننڍو هوندو هو. (همنگ برڊ رڳو 50 کان 61 ملي ميٽرن جي وچ ۾ هوندو آهي)مفصل ۽ محتاط مشاهدي کان پوءِ وڌيڪ اها به خبر پئي ته ان ڊائنوسار جي وات ۾ لڳ ڀڳ 100 سنهڙا ڏندا هوندا هئا جن جي مدد سان اهو تقريبن جيتن جو شڪار ڪندو هو.ان جي اکين جا سوراخ تمام ننڍڙا هئا ۽ شايد انهن مان گھڻي گھٽ روشني داندر داخل ٿي سگھندي هئي. انهيءَ ڪري ماهرن جو خيال آهي ته اهو ”ڊائنوسار پکي“ ڏينهن جي تيز روشني ۾ شڪار ڪندو هو ۽ رات جي وقت آرام ڪندو هو.ان کي Oculudentavis Khaungraae جون نالو ڏنو ويو آهي جنهن جو مطلب ”اکين ۽ ڏندن وارو“ آهي.رسالي ”نيچر“ طرفان ان بابت هڪ مختصر وڊيو به يوٽيوب تي اپ لوڊ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔