ڀارت ۾ چئن هٿن، ٻن مٿن ۽ 2 ٽنگن واري ٻارڙي جي پيدائش

نئين دهلي: ڀارتي رياست بهار جي شهر مظفرپور ۾ عجيب الخلقت ٻارڙي جي پيدائش ٿي آهي جنهن نه صرف مقامي ماڻهن کي پر ڊاڪٽرن کي به حيران ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب تازي ڄاول ٻارڙي جا 2 مٿا، 4 هٿ ۽ 2 ٽنگون آهن جيئن ئي اها خبر پکڙجي اسپتال ۽ گهر تي ماڻهن جو  هجوم لڳي ويو آهي، مقامي ماڻهن انهي کي قدرت جو ڪرشمو قرار ڏنو آهي

رپورٽ موجب شمسه خاتون جي نامل ڊليوري ٿي، 2 چهرن ۽ 4 هٿن واري ٻارڙي کي ڏسي سڀ ماڻهو ڪجهه دير جي لاءِ حيران ٿي ويا، ڊاڪٽرن موجب تازو ڄاول ٻارڙي کي اسپتال جي انتهائي نگهداشت يونٽ ۾ رکيو ويو آهي جتان انهي جي حالت تي نظر رکي پئي وڃي.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اهو هڪ ناياب ڪنجوائنڊ ٽوئنز جو ڪيس آهي جنهن ۾ رحم مادر ۾ جنين جي مڪمل ورهاست نه ٿي سگهندي آهي  جنهن سبب  ٻئي ايمبريو هڪ ئي جسم ۾ جڙيل رهنديون آهن اهو هڪ ناياب واقعو آهي جيڪو لکن  ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي.

اسپتال انتظاميه موجب ماهرن جي هڪ ٽيم ٻارڙي جو چڱي ريت معائنو ڪري رهي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ٻارڙي جا ڪيترائي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪيا ويندا ته جيئن اهو جانچ ڪري سگهجي ته انهي جسم جا ڪهڙا عضوا فعال آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔