پاڪستان لاءِ خوشخبري، وڏو شهر پوليو کان پاڪ قرار

لاهور: پوليو جا سمورا ماحولياتي نمونا ناڪاري اچڻ کانپوءِ لاهور شهر کي پوليو فري قرار ڏنو ويو آهي.
ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاهور مدثر رياض چيو ته هن مهيني پوليو جا سمورا ماحولياتي نمونا ناڪاري آيا آهن، ان کان اڳ به موڪليل نمونا نيگيٽو آيا هئا، ماحولياتي نمونن جو نيگيٽو اچڻ پوليو مهم جي هڪ وڏي ڪاميابي ڏانهن اشارو آهي.
هن ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي سالن کان لاهور ۾ پوليو جا ماحولياتي نمونا هاڪاري اچي رهيا هئا پر گذريل ڪجهه مهينن دوران پوليو جا سمورا ماحولياتي نمونا ناڪاري آيا آهن، اها لاهور جي شهرين لاءِ وڏي خوشخبري آهي ته لاهور شهر پوليو کان پاڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته شهر کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ جو عزم برقرار رکڻو آهي، عوام کي پوليو ورڪرز ٽيمن سان سهڪار يقيني بڻائڻو پوندو، اسان کي اڳتي به پوليو مهم کي ائين ئي محنت ۽ ايمانداري سان جاري رکڻو پوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔