چين ۾ جوڙن کي 3 ٻار ڄڻڻ جي اجازت ملي وئي

بيجنگ : دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري ملڪ چين ۾ پيدائش جي شرح انتهائي گهٽ ۽ آبادي پوڙهائپ ڏانهن وڃڻ سبب شادي شده جوڙن کي هاڻ ٽن ٻارن تائين پيدائش جي اجازت ڏني وئي آهي.
چيني سرڪاري ميڊيا اڄ سومر ڏينهن ٻڌايو آهي ته حڪومت ماضي جي ”ون چائلڊ پاليسي“ ۾ وڌيڪ نرميءَ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ عام جوڙن کي هاڻ ٽن ٻارن جي پيدائش جي قانوني اجازت ڏني وئي آهي.
تقريبن 4 ڏهاڪن تائين لاڳو رهندڙ ”رڳو هڪ ٻار جي پيدائش جي سرڪاري پاليسي“ ۾ حڪومت پهريون ڀيرو 2016 ۾ نرمي ڪئي هئي ۽ شادي شده جوڙن کي ٻن ٻارن جي پيدائش جي اجازت ڏني وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔