مڙس جو موبائل چيڪ ڪندڙ عورت تي ڏنڊ

ابوظهبي: مڙس جو موبائل چيڪ ڪندڙ عورت تي ڏنڊ لڳي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب گڏيل عرب امارتن جي شهر راس الخيما ۾ انوکو ڪيس سامهون آيو، هڪ شهري مقامي عدالت ۾ زال خلاف درخواست داخل ڪرائي. درخواست گذار الزام هنيو ته منهنجي زال بنا اجازت منهنجو موبائل کڻي تلاشي ورتي. هن اهو به الزام هنيو ته موبائل ۾ موجود مواد کي منهنجي بدنامي لاءِ پڻ استعمال ڪيو، عدالت زال تي الزام ثابت ٿيڻ بعد ساڍا 5 هزار درهم ڏنڊ لڳايو جڏهن ته جج وڪيل ۽ عدالت جو خرچ به عورت کي ڀرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن بعد عورت ڏنڊ جي رقم ۽ ٻيو خرچ ڀرڻ بعد بري ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔