چين ۾ پهريون ڀيرو پاڻمرادو هلندڙ مني بس متعارف

بيجنگ : چين ۾ پهريون ڀيرو پاڻ مرادو هلندڙ بس بتعارف ڪرائي وئي آهي. ان فائيف جي ڊرائيور ليس بس جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو جيڪا ڊرائيور کان سواءِ پاڻ مسافرن کي منزل تائين پهچائيندي. ترقي يافتا ملڪن ۾ نئين گاڏين جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ چين ۾ به پاڻ مرادو هلندڙ اسمارٽ بس متعارف ڪرائي وئي آهي.چين جي صوبي فوجيان ۾ معارف ڪرايل ڊروائيور کان سواءِ هلندڙ مني بس ۾ 18 ماڻهو سفر ڪري سگھن ٿا. اها بس ماحول دوست هجڻ سان گڏوگڏ گھٽ فاصلي تائين سفر ڪرڻ ۽ مسافر جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي تيار ڪئي وئي آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اها بس خاص روڊ تي نه رڳو پنهنجو سفر طئي ڪندي پر ان دوران ريڊار سسٽم، ليزر ۽ سينسر جي مدد سان روڊ جي صورتحال کان وٺي بس جي اسپيڊ ۽ بريڪ لڳائڻ، ٽريفڪ لائيٽس تي بيهڻ ۽ هلڻ سميت پاڻ ڪيترائي مرحلا انجام ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔