ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ دهشتگردن جا حملا، 4 ايف سي اهلڪار شهيد، 5 دهشتگرد به مارجي ويا

ڪوئيٽا: ڪوئيٽا ۽ تر بت ۾ ايف سي اهلڪارن تي دهشتگرد حملن جي نتيجي ۾ 4 ايف سي اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا، جوابي ڪارروائي ۾ 4 کان 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿيا آهن، آءِ ايس پي آر موجب پير اسماعيل ويجهو ايف سي جي چوڪي تي دهشتگردن حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ايف سي اهلڪار شهيد ۽6 زخمي ٿيا، آءِ ايس پي آر موجب ايف سي اهلڪارن جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 کان 5 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 8 دهشتگرد زخمي ٿيا آهن، تربت ۾ ايف سي جي گاڏي کي دهشتگردن بارودي سرنگ سان نشانو بڻايو جنهن سبب 2 جوان به زخمي ٿيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ايف سي جي جوانن جانين جا نذرانه ڏئي دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بنايو، دشمن قوتون بلوچستان جي عوام جي خوشحاليءَ کي ڪنهن به صورت ۾ نقصان پهچائي نه سگهنديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔