ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وار جاري، وڌيڪ71 مريض فوت

اسلام آباد : ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ71 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد وبا وگهي ملڪ ۾ فوتين جو مجموعي انگ 20 هزار 850 ٿي ويو، جڏهن ته 24 ڪلاڪن دورن وبا جا 1771 نوان ڪيس ظاهر به ٿيا آهن، اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن دوران 47 هزار 633 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 1771 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن، هيل تائين ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو مجموعي تعداد 9 لک 22 هزار 824 ٿي ويو، جڏهن ته هن وقت تائين وائر سان 8 لک 44 هزار 638 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔