ڪويت پاران 10 سالن کانپوءِ پاڪستان لاءِ ورڪ ويزا جاري ڪرڻ جو عمل شروع

اسلام آباد : وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سٺيون خبرون اچڻ جو سلسلو جاري آهي، ڪويت 10 سالن کانپوءِ پاڪستان لاءِ ورڪ ويزا جاري ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير جو پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ اعلان، فواد چوڌري چيو آهي ته ڪراچي کانسواءِ سموري ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح 4 سيڪڙو کان به گهٽجي وئي آهي، ڪورونا فرنٽ تي پاڪستان جي بحالي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو، بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي وڌو رليف ملندو، مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي، پر خريداري سگهه ۾ به اُنهي شرح سان واڌ ٿي آهي، اُميد ته ملڪ ايندڙ ٻن سالن ۾ عمران خان جي قيادت هيٺ منزل جي ويجهو هوندو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔