سال ۾ 2 يا 3 ڀيرا امتحان وٺي شاگردن جو ڊگري پروگرام پنج سالن ۾ پورو ڪيو وڃي:سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر

سکر: سال ۾ 2 يا 3 ڀيرا امتحان وٺي شاگردن جو ڊگري پروگرام پنج سالن ۾ پورو ڪيو وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر شاگردن کان مرحليوار امتحان وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، خيرپور لا ڪاليجز جي شاگردن جا امتحان نه ٿيڻ واري ڪيس تي ٻڌڻي دوران شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو رجسٽرار پيش، ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ رجسٽرار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽن سالن کان شاگردن جا امتحان ڇو نه پيا ٿين، جِن کان پئسا ورتا، اُنهن جا هڪ سال ۾ 2 امتحان ڪرايا ويا، توهان سوين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو، عدالت اڄ ئي امتحانن جو شيدول پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، خيرپور يونيورسٽي سان سلهاڙيل ڪاليجز بند ڪرڻ جو به حڪم ڏئي سگهون ٿا، پوءِ توهان مکيون ماريندا رهندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔