نواز ليگ جي بيانيي تي پارٽي ۾ ڪوبه اختلاف ناهي:شاھد خاقان عباسي

ڪراچي : نواز ليگ جي بيانيي تي پارٽي ۾ ڪوبه اختلاف ناهي، شهباز شريف پارٽي جو صدر آهي، فيصلا اُن جا هوندا آهن، حتمي فيصلو نواز شريف جو هوندو آهي، شهباز شريف چوندو آهي ته مريم نواز وقت سان گروم ٿي ويندي، پوءِ مريم نواز ۽ حمزه شهباز ٻنهي وٽ ميدان آهي، نواز ليگ اڳواڻ طرفان پارٽي اندر اختلافن جي ترديد ڪئي وئي آھي، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اين سي او سي آزاد ڪشمير ۾ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ڪيئن ٿي چئي سگهي، آزاد ڪشمير جو ووٽ چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آزاد ڪشمير جي اليڪشن چوري ٿي ته ڀارت اڳيان ڪٿي بيهندئو؟ آزاد ڪشمير ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ اين سي او سي جو خط واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔