دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردن خلاف جنگ جاري رهندي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بلوچستان ۾ سڪيورٽي اهلڪارن تي حملي جي مذمت ڪندي وزيراعظم لکيو آهي ته دهشتگردن خلاف انهن جي جنگ جاري رهندي.

هن چيو ته دهشتگردن کي بلوچستان جو امن خراب ڪرڻ نه ڏينداسين ، وزيراعظم عمران خان بلوچستان حملي ۾ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو پڻ اظهار ڪيو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ ايف سي تي 2 دهشتگرد حملا ٿيا هئا جنهن جي نتيجي ۾ 4 جوان شهيد جڏهن ته 8 زخمي ٿي پيا .

پهرين حملي ۾ پير اسماعيل زيارت جي ويجهو ايف سي پوسٽ کي نشانو بڻايو ويو جتي فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ۾ 4 کان 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ ست  کان اٺ دهشتگرد زخمي ٿي پيا .

فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ايف سي جا 4 بهادر جوان شهيد ٿيا جڏهن ته 6 زخمي ٿي پيا ، ٻئي واقعي ۾تربت ۾ ايف سي جي گاڏي  کي آءِ اِي ڊي سي وسيلي نشانو بڻايو ويو هو ، واقعي ۾ 2 ايف سي اهلڪار زخمي ۽ 5 دهشتگرد مارجي ويا هئا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔